پشاور – 11 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پوري قوم خيبرپختونخواهه پوليس جي قرضي آهي جيڪا جذبي، بهادري ۽ حوصلي سا?? دهشتگردن جي خلاف وڙهي رهي آهي. پشاور ۾ پوليس درٻار ۾ خيبرپختونخواهه پوليس جي اهلڪارن کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته توهان اهي ماڻهو آهيو جيڪي رياست جي سلامتي لاءِ وڙهي ره??ا آهيو، شهيد يقينن جنت جا مستحق آهن جڏهن ته مخالف گروهه جو مقدر سدائين جي لاءِ جهنم ۾ رهڻ آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز الله جي ان واعدي ته سڌي راهه تي هلندڙن کي دشمن جو ڪو خوف ناهي هوندو، کي نظر ۾ رکندي دهشتگردن سا?? سدائين بي خوفي سا?? وڙهي ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته توهان جيڪا جنگ وڙهي ره??ا آهيو اها اخلاقي طور تي صحيح آهي ان لاءِ توهان کي پنهنجو فرض پوري يقين، حوصلي ۽ اعتماد سا?? ادا ڪرڻ گهرجي. نگران وزيراعظم شهيد صفوت غيور ۽ شهيد ملڪ سعد کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن کي خيبرپختونخواهه پوليس جو اثاثو قرار ڏنو. اي پي ايس سا??حي ۾ دهشتگردن جي ظلم جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگردن جي ظلم کي ڪڏهن به نه وساريو ويندو. هن چيو ته موت هڪ حقيقت آهي جيڪا ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿي ان لاءِ ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي. دهشتگردن جي هر حملي جو جواب وڌيڪ طاقت ۽ ڀرپور انداز ۾ ڏنو ويندو. شرپسندن جي شديد مذمت ڪندي نگران وزيراعظم زور ڏنو ته هو زندگي جي آخري لمحي تائين انهن جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. اهي بزدل آهن، انهن ۾ سا??هون اچي وڙهڻ جي همت نه آهي ۽ سدائين پٺيان کان وار ڪن ٿا. هن چيو ته دهشتگرد ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري ره??ا آهن، اهي همدرديءَ جا مستحق نه آهن، اهي بزدل، ظالم ۽ بي حس آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته جيڪي دهشتگرد ماريا ويا انهن جا نالا ڪنهن کي معلوم نه آهن پر شهيدن جا نالا وڏي عرصي تائين ياد رکيا ويندا. هن چيو ته دهشتگردن پنهنجي مرضي سا?? رياست سا?? جنگ شروع ڪرڻ جي چونڊ ڪئي پر انجام انهن جي خواهشن موجب نه ٿيندو. هن زور ڏئي چيو ته رياست ان جنگ کي کٽيندي، ان ۾ ڪجهه وقت لڳندو پر ان جو کٽڻ اسان جو مقدر آهي ڇو ته اسان سڌي رستي تي آهيون. الله تعاليٰ به انهن جي مدد ڪري ٿو جيڪي صراط مستقيم تي هجن. نگران وزيراعظم چيو ته اسان کي دانشمندي ۽ صحيح حڪمت عملي سا?? وڙهڻو پوندو. هن ملڪ ۾ دهشتگردي جي خلاف سموري ويڙهه کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم خيبرپختونخواهه پوليس جا مطالبا پورا ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ان کان اڳ پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس خيبرپختونخواهه اخ??ر حيات گنڊاپور چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي جي خلاف جنگ کان متاثر آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس صوبي ۾ دهشتگردن سا?? بهادري سا?? وڙهي رهي آهي ۽ هن ان جنگ ۾ ڪنهن به ٻئي صوبي کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ ۽ ٻين ڏوهن جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي اهلڪار پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهي دهشتگردن جي خلاف بهادري سا?? وڙهي ره??ا آهن. هن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان پوليس کي جديد ترين هٿيارن ۽ سهولتن سا?? ليس ڪرڻ جي لاءِ مالي مدد جو مطالبو ڪيو.