فيصل آباد-07 فيبروري (اي پي پي) ايندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ پولنگ واري ڏينهن 08 فيبروري تي ڪنهن به اميدوار يا پارٽي کي پولنگ اسٽيشن جي 100 ميٽرن جي حد ۾ ڪيمپ لڳ??ئڻ جي اجازت نه هوندي جڏهن ته سياسي پارٽيون ۽ اميدوار ۽ اليڪشن ايجنٽ يا سندن حامي ڳوٺاڻن علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنن کان 400 ميٽرن جي مفاصلي تي ۽ گنجان آبادي وارن شهري علائقن ۾ 100 ميٽرن جي مفاصلي تي پنهنجي ڪيمپ لڳائي سگن ٿا. فيصل آباد جي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان سمورين سياسي پارٽين ۽ اميدوارن کي آگاهه ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جي شق نمبر 48 ۽ 49 مطابق پولنگ جي موقعي تي پولنگ اسٽيشن جي 400 ميٽرن جي حد ۾ ڪنهن به قسم ??ي مهم ، ووٽرن کي ووٽن ل??ءِ قائل ڪرڻ، ووٽرن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ????ءِ درخواست ڪرڻ ۽ ڪنهن خاص اميدوار ل??ءِ مهم هل??ئڻ تي پڻ سختي سان پابندي هوندي. اهڙيءَ ريت 100 ميٽرن جي اندر خاص اميدوارن جي حق ۾ ووٽ وجهڻ ل??ءِ ووٽرن جي حوصلا افزائي يا کيس ووٽ نه وجهڻ ل??ءِ حوصلا شڪني تي ٻڌل نوٽيس، بينر يا جهنڊا لڳ??ئڻ تي پڻ مڪمل طور تي پابندي هوندي. هن ٻڌايو ته ڊي آر او، آرو ۽ پوليس سميت انتظاميا ڄاڻايل شقن تي عمل ڪر??ئڻ کي يقيني بڻ??ئڻ جا ذميوار هوندا. ائين نه ڪندڙن خلاف قانون ??وج?? سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.