اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي ۽ معاشرتي ترقي جي لاءِ ??ارڙين جي تعليم تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 60 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آ??ن، پاڪستان جي سمورن ٻارن کي تعليم جي فراهمي جي لاءِ ??جي ۽ سرڪاري شعبي ۾ تعاون لازمي آهي. هو محمد شفيق خان جي قيادت ۾ ريڊ فائونڊي??ن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وف?? صدر کي تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ريڊ فائونڊي??ن جي خدمتن بابت ٻڌايو ته ريڊ فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ 400 کان وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليجز هلائي رهي آهي، فائونڊيشن معاشري ۾ معياري، قابل قدر ۽ بامقصد تعليم جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، فائونڊي??ن جو مقصد معيار??، گهٽ قيمت ۽ مفت تعليم تائين پهچ وڌائڻ آهي، ريڊ فائونڊيشن يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ ??ڻ قدم کڻي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي انساني وسيلن جي ترقي ۾ تعليمي ادارن جو اهم ڪردار آهي، يتيم ٻارن جي تعليم ۽ خودمختياري ٺوس معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ ضروري آهي. صدر تعليمي ۽ فلاحي شعبي ۾ ريڊ فائونڊي??ن جي خدمتن کي ساراهيو.