اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) ڪامن ويلٿ مبصر گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر گڊ لڪ جوناٿن چيو آهي ته پاڪستان ۾ 2024ع جون عام چونڊون پرامن نموني ??را??ڻ تي پاڪستان کي مبارڪون ڏيون ٿا، پوري چونڊ عمل دوران پاڪستان جي عوام جي حوصلي ۽ همت کي ساراهيون ٿا، پولنگ اسٽاف سياسي پارٽين، اميدوارن ۽ ان جي ايجنٽن، سيڪيورٽي ايجنسيز کي چونڊ عمل دوران انهن جي ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. نيوز ڪانفرن?? کي خطاب ڪندي ڪامن ويلٿ گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر گڊ لڪ جوناٿن چيو آهي ته اسان ۽ اسان جي نمائندن 2024ع جي چونڊن جو مشاهدو ڪيو، ماڻهن وڏي انگ ۾ ووٽ وڌا، اليڪشن مينيجمينٽ سسٽم بهترين ڪوشش ??ئي?? هن اليڪشن ڪميشن جي اسٽاف کي ساراهيندي چيو ته چونڊ اسٽاف به تمام پيشيوراڻي طريقي سان ڪم ڪيو. هن ٻڌايو ته اسان ڪراچي، ملتان، حيدرآباد، فيصل آباد جي مختلف پولنگ اسٽيشنن جودورو ڪيو، عورت عملي کي چونڊ اسٽيشنن تي بهترين طريقي سان ڪم ڪندي ڏٺو ويو، هن چيو ته عالمي مبصر طور اسان جا پنهنجا معيار آهن، ڪنهن به خبر جي ترديد يا تصديق جا پابند ناهيون، ڪامن ويلٿ وفد جي سربراهه چونڊن واري ڏينهن سيڪيورٽي تي ??وج??د اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو، هن چيو ته اسان ڪي??را??ي اهڙا ماڻهو ڏٺا جيڪي جسماني معذوري باوجود چونڊن واري ڏينهن پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪرڻ لاءِ نڪتا جڏهن ته انهن کي ووٽ جي حق جي استعمال لاءِ پولنگ اسٽاف ۽ سيڪيورٽي تي ??وج??د ماڻهن جي طرفان موثر مدد فراهم ڪئي وئي، جن کي ساراهيون ٿا.