گڏيل قومون-05 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسلامي ملڪن جي نمائندگي ڪندي فلسطين جي صورتحال تي بين الاقوامي امن ڪانفرنس گُهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد ٻه رياستي حل جي دائره ڪار ۾ فلسطينين جي اڻمٽ حقِ خوداراديت جي بحالي بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي م??تقل نمائندي منير اڪرم غزه ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي فوري جنگبنديءَ جي م??البي تي ٻَڌل سلامتي ڪائونسل جي 20 فيبروريءَ جي قرارداد تي آمريڪي ويٽو کانپوءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته عالمي برادريءَ کي غزه تي اسرائيلي اڳرائيءَ کي فوري روڪڻ لاءِ پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي آمريڪا طرفان قرارداد کي ويٽو ڪر?? تي افسوس ۽ غزه خلاف اسرائيلي اڳرائيءَ جي خاتمي ۾ عالمي برادريءَ جي ناڪاميءَ تي م??يوسيءَ جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ 30 هزار کان وڌيڪ فلسط??ني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ گهڻو انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي. منير اڪرم گڏيل قومن ۾ او آءِ سي گروپ جي وقتي چيئرمين جي حيثيت سان 193 رڪني جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل 5 مهينن دوران غزه ۽ فلسطين جي ٻين هنڌن تي اسرائيلي اڳرائيءَ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ وڌندڙ مايوسي ۽ ڪاوڙ سان غزه ۾ فلسط??ني عوام تي مڙهيل تاريخي ۽ نه ختم ٿيندڙ ظلمن کي ڏسي رهي آهي. غزه ۾ اسرائيلي حملن سبب وڏي پيماني تي انگ ۾ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ??ذه??ي م??ڳن کي تباهه ڪيو ويو. هن غزه ۾ ناڪافي خوراڪ جي فراهمي ۽ ضروري خدمتن سبب غزه ۾ وڏي انگ تي غذائي کوٽ جي وڌندڙ خطري کان خبردار ڪندي غزه ۾ انساني امداد جي فراهميءَ لاءِ جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي. هن فلسط??ني پناهگيرن لاءِ گڏيل قومن جي اداري يو اين اي آر ڊبليو اي کي ختم ڪر?? ۽ عطيو ڏيندڙن طرفان اداري جي فنڊنگ روڪڻ جي اسرائيلي م??البي جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته گڏيل قومن اندر مختلف ڌُرين سان گڏوگڏ عالمي برادريءَ جي ميمبرن طرفان اڳواٽ ڪوششن باوجود اڳتي به وڏن خطرن جا اشارا موجود آهن. ان سلسلي ۾ هن چيو ته غزه ۾ وڏي پيماني تي ڏُڪار جو خطرو آهي، جنهن سان والاريل فلسط??ني علائقي ۾ فلسطينين جي تمام وڏي انگ لاءِ خوراڪ جي ناڪافي فراهمي ۽ ضروري خدمتون آهن. منير اڪرم چيو ته دنيا کي فلسط??ني عوام جي حق خوداراديت واري حق جي حاصلات ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عرب امن قدمن مطابق 1967ع جي سرحدن تي ٻَڌل ان جي سرزمين تي پنهنجي آزاد ۽ خودمختار رياست قائم ڪر?? جي حمايت ڪر?? گهرجي، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ بيت المقدس هجي.