اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپ??ار?? سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي فرانسيسي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپ??ار?? جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪولس گيلي ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم ??ان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. فرانسيسي سفير فرانس جي وزيراعظم جبريل اٽل پاران مبارڪباد وارو خط پهچايو. وزيراعظم مبارڪباد واري پيغام تي فرانسيسي قيادت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان جا فرانس ??ان دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن، جيتوڻي ڪجهه سال اڳ اهي لاڳاپا مشڪل دور مان گذريا هئا پر هاڻي ٻئي ملڪ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون ??ان پنهنجي ڪيترين ئي ملاقاتن جو ذڪر ڪيو جن ۾ 2022ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس، جون 2023ع ۾ موسمياتي تبديلي بابت نئين مالياتي معاهدي بابت پيرس ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ ملاقاتون شامل هيون. هن جنوري 2023ع ۾ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت جنيوا ڪانفرنس ۾ ورچوئل ??رڪت جي ذريعي صدر ميڪرون جي شرڪت کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم صدر ميڪرون کي جلد کان جلد پاڪستان جو سر??ار?? دورو ڪرڻ جي دعوت جو و??جاءُ ڪيو. هن ٻنهي ڌرين پاران گڏيل تعاون خاص طور تي واپار ۽ سيڙپ??ار?? ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ فرانسيسي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپ??ار?? جي دعوت ڏني. هن فرانس پاران اعليٰ فرانسيسي ڪمپنين جي ??ار??وريٽ ليڊرن کي جلد پاڪستان جي دوري تي آڻڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم اهو به ٻڌايو ته معيشت جو استحڪام حڪومت جي ايجنڊا ۾ سرفهرست آهي. ملاقات ۾ غزه ۽ افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم خطي ۾ فرانس جي امن ڪوششن کي ساراهيو. فرانسيسي سفير وزيراعظم جو استقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ کيس ٻطرفن معاملن تي ٿيندڙ تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٻطرفي تعاون تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ فرانسيسي وفد جو پاڪستان اچڻ متوقع آهي. هن چيو ته ٻطرفن رابطن کي مضبوط بڻائڻ ??ان گڏوگڏ فرانس گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان ??ان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند اهي.