اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ گڏيل مفاد ۾ سيڙپڪاري، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آ??ي ۽ چيو آ??ي ته ايس آئي ايف سي جي ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دوري تي آيل سع??دي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود ۽ وفد جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محم?? شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ منفرد لاڳاپن ۾ گڏيل مفاد ۾ سيڙپڪاري، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سع??دي عرب جي وفد جي پاڪستان جي دوري تي سع??دي عرب جا ٿورائتا آهيون جڏهن ته پوري قوم سع??دي عرب جي ولي عه?? شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري جي منتظر آهي، دوري دوران گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته اسان هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اسان سيڙپڪاري بابت عالمي ماهرن جي مشاورت سان فزيبلٽي تيار ڪئي آهي، اڄ جي ڳالهه ٻولهه سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿي آهي، سع??دي عرب سا?سلاٹ_فادر/122788.html">? اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جا معاهدا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سع??دي عرب جي معيار تي پورو لهنداسين، ايس آئي ايف سي شاندار ماڊل آهي جنهن مختصر وقت ۾ بهترين مڪينزم جوڙيو آ??ي، اسان پنهنجا هدف حاصل ڪنداسين، ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي ۾ آرمي چيف ۽ اهم سياسي شخصيتون شامل آهن، اسان گڏجي پنهنجو مشن مڪمل ڪنداسين، گڏيل منصوبن کي مڪمل ڪري اسان پنهنجو هدف حاصل ڪنداسين. سع??دي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڀرپور استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃون ٿا، سع??دي عرب جي وفد جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي نئين دور جي شروعات ٿي آهي. آجياڻي ۾ وفاقي وزير، پارليامينٽ ميمبر، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سميت اعليٰ عسڪري ۽ سول عملدار پڻ موجود هئا.