رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسيري اتاما حاجي محمد بن حاجي حسن سان عالمي تعاون، ترقي ۽ توانائي جي فروغ جي لاءِ خصوصي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي، ورلڊ اڪنامڪ فورم جو اجلاس 28 ۽ 29 اپريل تي سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ٿ?? رهيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ وسيع تر لاڳاپن ج?? جائزو ورتو ۽ گڏيل وزارتي ڪميشن ج?? اڳئين دور جو اجل??س هلندڙ سال دوران اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، ڌريون مارڪيٽن ج?? جائزو وٺنديون ۽ ٺوس اقتصادي نتيجن ج?? لاءِ مختلف شعبن ۾ پيش ڪيل موقعن مان ڀرپور فائدو کڻنديون. بيان موجب باقاعدگي سان اعليٰ سطحي رابطا ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي سگهه ڏين ٿا. ان پس منطر ۾ پاڪستان ج?? نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ملائيشيا جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان ج?? دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو. غزه ۾ جاري انساني بحران تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪندي ٻنهي ڌرين فوري طور تي گهيراءُ جي خاتمي ?? فلسطينين کي فوري انساني امداد فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته فلسطين مسئلي جو پرامن ۽ پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ او آءِ سي جي فريم ورڪ جي اندر ويجهي تعاون ج?? پڻ ضرورت آهي.