بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ ٻطرفي مشاورتي طريقيڪار جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ اعليٰ معيار جي ترق?? کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جي پڻ تجديد ڪئي جنهن ۾ ترقي ۽ روزگار ۽ گرين ڪوريڊور سميت 5 لنگهن تي ڌيان ڏنو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڪالهه اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو ج?? ميمبر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور جي گڏيل صدارت ڪئي. ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چين پاڪستان ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو ??ارٽنرشپ“ جو ذڪر ڪندي نائب وزيراعظم چين سان لاڳاپن کي ??اڪستان جي پرڏيهي پالسي جو سنگ بنياد قرار ڏنو. هن ڄمون ۽ ڪش??ير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي ڪري علائقائي امن ۽ سلامت?? کي درپيش خطرن کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار تي چين جي اصولي موقف کي ساراهيو.