راولپنڊي-23 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير سرڪاري دؤري تي جرمني پهچي ويو. جرمني جي اعليٰ فوجي ۽ سول قيادت سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. آءِ ايس پي آر مطابق جرمني جي بچاءَ واري وزارت ۾ چيف آف ڊفينس جنرل ڪارشن بريور آرمي چيف جو استقبال ڪيو. جرمن هٿياربند فوج جي دستي کيس گارڊ آ?? آنر پيش ڪيو. آرمي چيف جرمني آرمي جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل الفونس ??اس سان به ملاقات ڪئي ۽ جرمن آرمي چيف سان فوج جي دستن کي ڏني ويندڙ تربيت جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. هن شهري جنگ تي هڪ مظاهرو به ڏٺو ۽ مختلف تربيتي سهولتن جو دؤرو ڪيو. آرمي چيف وفاقي چ??نسلر جي پرڏيهي پاليسي ۽ سلامتي جي مشير جينز پلوٽنر، پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير ٽوبياس لنڊر ۽ نيل هلمر، بچاءَ واري وزارت ۾ رياستي سيڪريٽري نيل هلمر سميت ٻين سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪيون. جرمن قيادت دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي تعريف ڪئي. آرمي چيف، جرمني آرمڊ فورسز ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج هيمبرگ جو به دؤرو ڪن??و جتي هو مختلف ملڪن مان ڪورس ۾ شرڪت ڪن??ڙ شاگردن کي خطاب ڪن??و ته جيئن پاڪستان جي علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي روشني ۽ گڏيل قومن جي مشنز ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار تي روشني وِجهن.