آستانه – 04 – جولائي (??ي پ?? پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف علائقائي عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر ۽ گهڻ طرفي نظام کي اهم قرار ڏيندي دنيا ۾ جاري تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل سميت ڌمڪين يا طاقت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني استعمال جي مخالفت ۽ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي. ايس سي او پلس فارميٽ جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته 26 – 2025ع دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان عالمي تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم آهي. خطرن يا طاقت جي هڪ طرفي ۽ غيرقانوني استعمال دهشتگردي جي سڀني شڪلين جي خاتمي ۽ ميمبر ملڪن جي سهڪار سان ايس سي او جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان پرعزم آهي. ايس سي او پلس فارميٽ جو اجلاس قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي 24 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيو. وزير??عظ?? اجلاس کي ٻڌايو ته گڏيل قومن جي فريم ورڪ جي اندر موثر ۽ گهڻ طرفي تڪرار وسيلي ڏکئين عالمي ۽ علائقائي چئلينجن کي بهتر نموني سان منهن ڏئي سگهجي ٿو. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پ??هن??ي ڀرپور تجربي ۽ مهارت سميت امن ۽ سلامتي جي بحالي جي لاءِ پ??هن??و موثر ۽ مضبوط ورثو آندو آهي. هن قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪائيوف کي ايس سي او سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته آستانه پڌرنامي ۽ اجلاس ۾ منظور ڪيل دستاويز امن ۽ خوشحالي جي مقصد جي لاءِ ڪوششن کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. وزير??عظ?? نسل ۽ مذهب جي بنياد تي نفرت ۽ تعصب جي وڌندڙ اشتعال کي اجاگر ڪيو. خاص طور تي اسلامو فوبيا، موسمياتي آفتن جي ڪر?? پيدا ٿيندڙ صورتحال، دنيا ۾ آيل ڪوويڊ 19 کانپوءِ جي اثرن جي حوالي سان چيو ته چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سوچ ۽ عمل جي اتحاد جي ضرورت آهي. پرامن بقاءَ جي قدر کي برقرار رکندي تڪرارن کي حل ڪرڻ ۽ گهڻ رخي اعتماد کي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي آهي. وزير??عظ?? فلسطيني عوام تي آيل مصيبتن طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته هن وقت تائين 37 هزار کان وڌيڪ فلسطيني قتل ڪيا ويا آهن ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. هن گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري جي ڪميشن آف انڪوائري رپورٽ جي توثيق ڪئي جنهن ۾ اسرائيل جي حملن کي جنگي ڏوهن ۽ انصاف جي عالمي عدالت ۽ ان عمل کي نسل ڪشيءَ قرار ڏيندي احتساب جو مطالبو ڪيو ويو آهي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته اسان کي ان سلسلي ۾ عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي سڏڻ گهرجي جيڪا پ??هن??ي ذميواري کي برقرار رکڻ، فوري طور تي جنگبندي، انساني امداد جي بنا ڪنهن رنڊڪ جي فراهمي ۽ غزه ۾ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائي. وزير??عظ?? چيو ته گڏيل قومن کي سڀني عالمي تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پ??هن??ي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي. موسمياتي تبديلي جي حوالي سان وزير??عظ?? پاڪستان ۾ آيل 2022ع جي ٻوڏ جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ پاڪستان ۾ ڪاربن خارج ڪرڻ جي عمل ۾ گهٽ حصو هجڻ جي باوجود جان ۽ مال جو وڏو نقصان ٿيو. وزير??عظ?? چيو ته اسرندڙ ملڪن کي مالي ۽ فني مدد لاءِ ٻيهر ڪوششون ڪرڻيون پونديون ته جيئن هو انهن آفتن کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻجي سگهن. هن عالمي مالياتي ڍانچي ۾ بنيادي سڌارا آڻڻ تي به زور ڏنو ته جيئن ان کي وڌيڪ اثرائتو ۽ جامع ۽ برابري وارو بڻائي سگهجي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان پ??هن??ي خودمختياري ۽ عدم مداخلت جي اصولن جو احترام ڪندي برابري ۽ پرامن عالمي نظام جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهڻ طرفي ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۾ پ??هن??و سهڪار جاري رکندو.