اسلام آباد – 10 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪڻڪ جي برآمد جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو، پي ٽي آءِ جي دور ۾ پهرين ڪڻڪ ?? کنڊ برآمد ڪئي و??ي ۽ بعد ۾ ڪڻڪ ?? کنڊ درآمد ڪئي و??ي، اربين کربين رپيا ڪيڏانهن ويا، اهو تاريخ جو حصو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب خان پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي و??يراعظم اسپيڪر سردار اياز صادق کي مخاطب ڪندي چيو ته اسپيڪر طور توهان جي آئيني ذميواري آهي ۽ اها توهان جي سخاوت به آهي ته توهان مُخالف ڌُر اڳواڻ کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو ٿا جڏهن ته اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر جڏهن اسپيڪر هو ته هو ان وقت مخالف ڌر اڳواڻ کي ڳالهه ڪرڻ ئي نه ڏيندو هو، اهو رڪارڊ جو حصو آهي. وزيراعظم ايوان کي ٻڌايو ته ڪڻڪ جي برآمد جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو. هن چيو ته ا??و به رڪارڊ جو حصو آهي ته اڳوڻي دور ۾ ڪڻڪ ?? کنڊ اڳ ۾ برآمد ڪئي و??ي ۽ بعد ۾ وري درآمد ڪئي و??ي، اربين کربين رپيا ڪيڏانهن ويا، ا??و به تاريخ جو حصو آهي.