اسلا?? آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلا?? آباد ۾ پنهنجي گذريل حڪومت ۾ شروع ڪيل ٽيڪنالاجي پارڪ جي منصوبي جو دورو ڪيو ۽ تعميراتي ڪم تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ پراجيڪٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ??ن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري تفصيلن موجب دوري جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي?? ته اسلا?? آباد ٽيڪنالاجي پارڪ پاڪستان جي عالمي معيار موجب پهرين ڪيٽيگري ٿري جو ٽيڪنالاجي پارڪ هوندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت سنڀاليندي ئي ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون، پنجاب ۾ خادم اعليٰ طور ترقياتي منصوبن تي 24 ڪلاڪ تعميراتي ڪم ڪرڻ جو نظام متعارف ڪرايو هو. هن منصوبي جي جلد تڪميل لاءِ ان تي 24 ڪلاڪ ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته ??اڪستان کي ترقي جي بلندين تي پهچائڻو آهي?? ته ڏينهن رات محن?? ڪرڻي پوندي. بذات خود ڇنڇر ۽ آچر جي موڪل ختم ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان کي ترقي جون منزون طئي ڪرڻيون آهن ته سڀني کي گڏجي محن?? ڪرڻي پوندي. پروجيڪٽ ٽيم ۽ آءِ ٽي واري وزارت هن منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪن. وزيراعظم چيو ته اسلا?? آباد ٽيڪنالاجي پارڪ سان ملڪي ۽ غير ملڪي اڪيڊميا تحقيق ڪندڙ، صنعت ۽ منصوبا سازن وچ ۾ هم آهنگي پيدا ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ??يڪنالاجي پارڪ جي تعمير سان ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ ساليانو 70 ملين ڊالرن جي واڌ ٿيندي، ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير سان 10 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم نئين منصوبي لاءِ ڏکڻ ڪوري?? جي حڪومت جي تعاون جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم کي اسلا?? آباد ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير تي اڳڀرائي ۽ منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ٽيڪنالاجي پارڪ جو منصوبو 14.9 ايڪڙ ايراضي تي تعمير ڪيو پيو وڃي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ??ن منصوبي ۾ عالمي معيار جي ڊيٽا سينٽر به تعمير ڪيو پيو وڃي. دوري دوران سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ ۽ آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه به وزيراعظم سان گڏ هئي.