اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري سانوڻي ۾ وڻڪاري مهم لاءِ ??يغام ۾ چيو آهي، ته سانوڻي ۾ وڻڪاري مهم 2024ع جي ??روعات تي ماحولياتي تحفظ طرفان پاڪستانين جي پختي لگن تي دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيان ٿو، هي مهم صرف هڪ موسمي قدم ناهي، پر پنهنجي پياري ملڪ جي قدرتي حسن ۽ وسيلن جي ??حفظ کي هٿي وٺائڻ لاءِ ??ومي فرض جو هڪ اهم پاسو آهي. هن چيو ته وڻ زندگي جو اثاثو آهن، تازي هوا فراهم ڪن ٿا، آبهوا بهتر بڻائين ٿا ۽ هڪ ماحولياتي نظام جي قيام ۾ مدد ڏين ٿا. وڌندر ماحولياتي مسئلن کي نظر ۾ رکندي وڻڪاري جي ??هميت وڌي وئي آهي. اسان جي پياري پيغمبر به وڻ لڳائڻ جي ??رغيب ڏني، اوهان جو فرمان آهي ته جيڪڏهن قيامت قائم ٿي وڃي ۽ توهان مان ڪنهن به شخص جي هٿ ۾ کجيءَ جو ٻوٽو هجي ۽ ان کي قيامت قائم ٿيڻ کان پهرين ٻوٽي لڳائڻ جي مهلت ملي وڃي ته هو ان ٻوٽي کي لڳائي ڇڏي. هن وقت ملڪ جي ٽوٽل ايراضي جو صرف 5 سيڪڙو حصو جنگلن جو آهي، ڪاٺين جي وڌندڙ گهرج ۽ ٻين زميني استعمال سبب جنگلن تي شديد دٻاءُ آهي، سانوڻي جي موسم وڻڪاري مهم لاءِ اسان جي ماحول تي بهترين اثر وجهڻ ۽ نوجوان نسل لاءِ ??ڪ سرسبز ۽ صحتمند مستقبل محفوظ بڻائڻ جو موقعو آهي. صدر مملڪت چيو ته ٻيلن کي هٿي وٺائڻ پاڪستان جي ??رقياتي ايجنڊا ۾ اولين ترجيح آهي. اپ اسڪلڊ گرين پاڪستان پروگرام تحت وڏي پئماني تي ٻوٽا لڳائڻ جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي ۽ ان کي عالمي سطح تي به تسليم ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڊيلٽا بليوڪاربن جي قدمن تحت پاڪستان 1990ع کان مينگرو وز جي ??يراضي ۾ 300 سيڪڙو واڌ ڪري مينگرو وز جي ??حالي ۾ ڪامياب?? حاصل ڪئي آهي، موسمياتي تبديلي جي ??ثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ 20 لک کان وڌيڪ مينگرو وز لڳايا ويا، جنهن سان عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي واپار سان 27 ملين ڊالرز به ڪمايا ويا. دي ليونگ انڊس پروگرام جو مقصد ٻيلن جي ڪٽائي روڪڻ آهي ۽ ان سان گڏيل قومن جي ڏهاڪي جي ??حالي جو فليگ شپ ايوارڊ مليو آهي. هن چيو ته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته حڪومت ڪميونٽي جي ??عاون کان سواءِ جهنگلي وسيلن کي هٿي وٺائڻ ۽ تحفظ نٿي ڪري سگهي،انهي لاءِ ??عاشري جي مختلف طبقن جي ??موليت اڻٽر آهي ۽ مون کي اميد آهي ته هو ان نيڪ ڪم ۾ پنهنجو حصو ضرور وجهندا. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اسان جي نوجوان نسل موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ ٻيلن جي ڪردار جي ??هميت کي آگاهه هجي ۽ اسان هن اهم مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سگهه وڌائڻ، تعليم ۽ نواڻ کي هٿي وٺائڻ لاءِ ??رعزم آهي.مان سمورن پاڪستانين خاص ڪري نوجوانن کي گذارش ڪيان ٿو ته هو سانوڻي جي وڻڪاري مهم 2024ع ۾ اڳيان وڌي حصو وٺن ۽ وڌ کان وڌ وڻ لڳائي ملڪ ۾ ٻيلن کي هٿي وٺائڻ جو قومي مقصد حاصل ڪري سگهجي. اچو اسان هن مهم جي پائيداري لاءِ اسان جي ??زم ۽ هن سر زمين لاءِ اسان جي محبت جي ??لامت بڻايون. مون کي يقين آهي ته اسان سڀئي گڏجي هڪ سرسبز ۽ شاداب پاڪستان جو مقصد حاصل ڪري سگهون ٿا.