ڪراچي-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايران ۾ پاڪس??ان?? زائرين جي بس سان پيش آيل حادثي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظھار ڪيو آھي. ميڊيا سيل بلاول ھائوس طرفان جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته حادثي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي دل ڏکويل آھي. ھن چيو ته ھو ان حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنب واسين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آھي. ھن چيو ته پرڏيھي وزارت ۽ تھران ۾ پاڪس??ان?? سفارتخاني جون لاڳ??پي?? اختياريون متاثر ڪٽنبن سان رابطي ۾ ھئا. اميد آھي ته پاڪس??ان?? شھرين جا مڙھه وطن واپس آڻڻ لاءِ لاڳ??پي?? اختياريون ۽ ادارا پنھنجي ذميواري پوري ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري ا?? اميد جو اظھار ڪيو ته ايران بس حادثي ۾ زخمي پاڪس??ان??ن لاءِ بھتر علاج کي به يقيني بڻايو ويندو. ان کان علاوه حادثي ۾ فوت ٿيل پاڪس??ان??ن جي مغفرت لاءِ به دعا پڻ ??ئي.