اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ده??تگردن جي خلاف آپريشنز دوران شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ده??تگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪاررواين ده??تگردن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان شهيدن جي لازوال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هر قسم جي ده??تگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين، ده??تگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. وز??راعظم شهيدن جي د??جن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.