اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عورتن جو ورا??ت ۾ حق اسان جي ڪلچر جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، عورتن کي انهن جي حق کان محروم ڪيو وڃي ٿو، ڀاءُ ڀينرن کي ورا??ت ۾ حصو ڏيڻ کان انڪاري رهندا آهن، اسان کي ان ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي ??اء?? پنهنجي سوچ کي تبديل ڪرڻو پوندو، اسلام لازمي ڪري ٿو ته ورا??ت ۾ عورتن کي حصو ڏنو ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ورا??ت ۾ عورتن جي قانوني حصي تي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ بابت قومي اسيمبلي جي ميمبرن آسيه ناز تنولي، صبا صادق، نوشين افتخار، احمد عتيق انور ۽ ڪرن عمران ڊار جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عورتن جي ??اء?? وراثت جي حق جو معاملو تمام اهميت رکندڙ آهي، عورتن کي وراثتي حق اسان جي ڪلچر جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، وراثت جي قانون ۾ عورتن کي انهن جي حق کان محروم رکڻ جي ڪا به گنجائش نه آهي پر اسان وٽ ڪلچر بڻجي ويو آهي ته ڌيئرن جي تعليم، شادي تي خرچ ڪيو وڃي ته سمجهيو وڃي ٿو ته ذميواري پوري ٿي وئي آهي ۽ انهن کي وراثتي معاملن ۾ ان جي حق کان محروم ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته اسان جي ان ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي ??اء?? پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي. اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته عورت کي ان جو حق ملڻ گهرجي. هن چيو ته سڪسيشن سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اختيار نادرا وٽ آهي، ڊيٿ سرٽيفڪيٽ، بيان حلفي، ايف آر سي ۽ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ وٺڻ کانپوءِ ورا??ت ۾ نالي جي داخلا ڪئي وڃي ٿي، ڪا به عورت وراثت جي حق کان محروم نه رهي ان جي ??اء?? مهم هلائڻ ??اء?? تيار آهيون. هن چيو ته اسلام لازمي ڪري ٿو ته ورا??ت ۾ عورتن کي حصو ڏنو ويندو. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد جي حدن جي اندر هڪ عورت تي تيزاب اڇلايو ويو، عورت بري طرح سڙي وئي، اسان جو هڪ وفد پمز اسپتال ان عورت جي تيمارداري جي ??اء?? ويو، جڏهن پڇيو ويو ته عورت جي ڪيريڪٽر تي سوال کڻڻ شروع ڪيا ويا. هن چيو ته ڪنهن کي به حق حاصل نه آهي ته هو عورت تي تيزاب اڇلائي. وفاقي وزير چيو ته عورتن جي حقن خاص طور تي ڳوٺاڻي علائقن ۾ آگاهي هجڻ گهرجي. ڳوٺاڻي علائقن ۾ اڪثر عورتون پنهنجي حقن کان آگاهه ئي نه آهن، ڀاءُ ڀينرن کي وراثت جي اندر ??صو ڏيڻ کان انڪاري هوندا آهن. ان حوالي سان وڌيڪ سُڌارا آڻي سگهجن ٿا. هن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته اسان وٽ ڀارت واريون حالتون نه آهن، اتي عورتن کي پنهنجا حق مشڪل سان ملن ٿا. هن چيو ته اسان ان زماني ۾ عورت وزيراعظم جي چونڊ ڪئي هئي، جڏهن اولهه جي اندر ??ورتن کي ايگزيڪيوٽو پوزيشن ڏيڻ جو تصور ئي نه هو. وفاقي وزير چيو ته عورتن جي حقن جي معاملي تي ??سپ??شل ڪميٽي ٺاهي وڃي، ان حوالي سان بهتري جي گنجائش موجود آهي. هن چيو ته عورتن جي خلاف تشدد جو ڪو واقعو پيش اچي ته ڪيترائي بهانا ٺاهيا وڃن ٿا. اسان کي ان سوچ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هر عورت ڏينهن تي قدمن ۽ پئڪيجز جو اعلان ڪيو ويندو آهي، پنڪ بسز جو تصور اسان وفاق ۽ سنڌ ۾ ڏٺو آهي، منهنجي درخواست آهي ته عورتن جي حقن بابت ??سپ??شل ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ سمورين پارٽين سان مشاورت ڪئي وڃي ته جيئن ان معاملي کي اڳتي وڌايو وڃي. وفاقي وزير قومي اسيمبلي جي ميمبر شاهده رحماني جي عورتن جي حقن جو معاملو وومين ڪاڪس ڏانهن موڪلڻ جي تجويز جي مخالفت ڪندي چيو ته اهو معاملو انتهائي اهم نوعيت جو آهي، ان تي پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي ٺهڻ گهرجي. وومين ڪاڪس کي پارلياماني ڪميٽي جو حصو ضرور بڻايو وڃي.