اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته ڊجيٽل وا??ار جي ضم ٿيڻ جي حوالي سان پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن وچ ۾ وا??اري معاهدا وڏي اهميت وارا آهن. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ سينٽرل ايشيا ريجنل اڪنامڪ ڪوآپريشن (ڪاريڪ) جي هڪ مطالعي جي روشنيءَ ۾ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته پاڪستان جي ڪيترن ئي وچ ايشيائي ملڪن خاص طو?? تي افغانستان، قازقستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان سان علائقائي وا??اري معاهدا ڊجيٽل وا??ار ۾ ضم ٿيڻ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اهم آهن. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته ڪووڊ – 19 جي روشنيءَ ۾ ڊجيٽل وا??ار جي اهميت ۾ واڌ ٿي ۽ نئين منظرنامي ۾ علائقائي وا??ار ضم ٿيڻ کي هٿي ملي ۾ ڊجيٽل ڪنيڪٽيوٽي، ريگيوليٽري ۾ آساني ۽ هنرمند ليبر جي ضرورت کي اجاگر ڪيو ويو. رپورٽ موجب ڊجيٽل وا??ار ضم ٿيڻ جو تصور سرحد پار ڊجيٽل شين، خدمتن، ٽيڪنالاجيز ۽ ڊيٽا جي هموار چُرپر ۽ حرڪت تي ٻَڌل آهي، جنهن ۾ مربوط ريگيوليٽري ۽ فني ماحول به شامل آهي. رپورٽ موجب 2010ع کانپوءِ علائقائي وا??ار ضم ٿيڻ ۾ 40 سيڪڙو واڌ ٿي. رپورٽ ۾ ملڪن وچ ۾ ڊجيٽل وا??ار ۽ ان وا??ار جي ضم ٿيڻ جي سطحن ۾ خاص طو?? تي موبائل ڪنيڪٽويٽي، انٽرنيٽ جي رفتار ۽ نيٽ ورڪ جي تياريءَ ۾ نمايان طور آساني ٿي آهي. رپورٽ ۾ ڊجيٽل ڪنيڪٽويٽي کي وڌائڻ، لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ روانگي وا??ار جي ڳاڻيٽي کي وڌائڻ لاءِ اندرون ملڪ ۽ سرحد پار ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ، ??رحد پار ڊجيٽل وا??ار کي آسان بنائڻ لاءِ ڪسٽم جي طريقيڪار ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ شين جي معيار ۽ وا??اري ضابطن تي اتفاق راءِ لاءِ پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن وچ ۾ ڊائلاگ پليٽ فارم ٺاهڻ سميت ڪيتريون ئي تجويزون به ڏنيون ويون. ان کان علاوه ڏي وٺ کي بهتر بنائڻ لاءِ علائقائي اليڪٽرانڪ ادائگي جو طريقيڪار سولو بنائڻ ۾ تعاون جي ضرورت به زور ڀريو ويو.