اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ تيزي سان سڌارا جا??ي آهن، حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي راهه ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پيٽروليم شعبي سان تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ڪمپني گ??ور گروپ جي چيئرمين توربيون تورنقوسٽ ۽ ٽوٽل انرجيز جي ريجنل وائيس پريزيڊنٽ مهمت جيليپوعلو سان ڳالهائيندي ??يو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ??لڪ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته الحمدالله پاڪستان جي معيشت مستحڪم ٿي ترقي جي راهه تي گامزن آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ تيزي سان سڌارا جا??ي آهن، اسان جي معاوشي ۽ ڪاروباري پاليسين جي مثبت ثمرن جو سلسلو جا??ي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي راهه ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي. گ??ور گروپ جي چيئرمين توربيون تورنقوسٽ پاڪستان جي پيٽروليم سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گ??ور گروپ پاڪستان ۾ ٽوٽل پارڪو جي 50 سيڪڙو شيئرز جو معاهدو ڪري چڪي آهي. گ??ور گروپ جي چيئرمين چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مثبت قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گ??ور گروپ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.