اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ دهشتگرد ??ملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته واقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد سڃاڻپ کانپوءِ انهن کي منطقي انجام تائين پهچا??و ويندو، پاڪستان ۾ موجود اسان جي چيني ڀائرن جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ان ڪڌي سازش کي هرگز برداشت نه ڪ??و ويندو. وزيراعظم آ??يس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني سفارتخان?? ويو ۽ هن پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊانگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيني سفير سان ڪراچي ۾ چيني قافلي تي دهشتگرد ??ملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دهشتگرد ??ملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي شديد ڏک جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي جي ذميوار ماڻهن جي جلد کان جلد سڃاڻپ جي لاءِ حڪومت مڪمل طور تي متحرڪ آهي، واقعي جي ذميوارن جي جلد کان جلد سڃاڻپ کانپوءِ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچا??و ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ موجود اسان جي چيني ڀائرن جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ان ڪڌي سازش کي هرگز برداشت نه ڪ??و ويندو، ان واقعي جي جاچ جي آئون ذاتي طور تي پاڻ نگراني ڪندس، غيرملڪين جي لاءِ سيڪيورٽي انتظامن کي وڌيڪ مضبوط ڪ??و ويندو. چيني سفير ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي کانپوءِ پاڪستان حڪومت پاران فوري ردعمل ۽ جاچ شروع ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن معاملي جي موثر جاچ، ذميوار دهشتگردن جي فوري سڃاڻپ ۽ انهن کي جلد کان جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ۾ پاڪستان حڪومت تي اعتماد جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته واقعي جي ذميوار ماڻهن کي جلد کان جلد قرار واقعي سزا ڏن?? ويندي. ملاقات ۾ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.