اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي رابط?? گروپ جو اجلاس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ رابط?? گروپ جي ميمبر ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي جن ۾ پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، نائجر ۽ آذربائيجان شامل آهن جڏ??ن ته ڪش??ير?? عوام جي حقيقي نمائندن جي وفد پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. هن رابط?? گروپ کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياسي، سلامتي ۽ انساني حقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. ترجمان چيو ته رابط?? گروپ جي ميمبر ملڪن او آءِ سي جي ايجنڊا ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي اهميت جو ذڪر ڪندي ڪش??ير?? عوام جي حقن ۽ آزادين جي حمايت جو اظهار ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي جلد ۽ پرامن حل تي زور ڏنو. اجلاس جي پڄاڻي هڪ جامع گڏيل پڌرنامي جي منظوري سان ٿي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪش??ير?? عوام جي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي پاران ڪش??ير??ن جي جائز جدوجهد جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. گڏيل پڌرنامي ۾ ڪيترين ئي ڪش??ير?? سياسي پارٽين تي پابندي ۽ ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪنن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي جاري مهم جي پڻ مذمت ڪئي وئ??. پڌرنامي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته والاريل ڪشمير ۾ نام نهاد چونڊ عمل خودمختياري جي حق جو نعم البدل نه ٿو ٿي سگهي. رابط?? گروپ ڀارت تي زور ڏنو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪش??ير?? عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي لاءِ قدم کڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ پنهنجي ڪش??ير?? ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.