اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي حصيداري ۽ ويجهن دوستاڻن لاڳا??ن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ دفاع، توانائي، واپار ۽ اقتصادي شعبن ۾ گڏيل طور تي فائديمند لاڳا??ن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه آذربائيجا?? جي دفاعي صنعت واري وزير ياور جمالوف سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳ??لهائيندي چئي. ٻنهي طرفن کان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ ۽ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ گڏيل وزارتي اجلاس جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ياور جمالوف جي آجيان ڪندي وزيراعظم آذربائيجا?? جي صدر الهام عليوف سان ويجهي ماضي ۾ ڊيووس ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو هو.