ليه – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته پاڪستان مشڪل وقت مان نڪري چڪو آهي، قوم کي وڌيڪ خوشخبريون ملنديون، جيڪڏهن اسان گذريل حڪومتن جي لاءِ قرضن جون قسطون و??ت تي نه واپس نه ڪريون ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، تعليم، صحت، انصاف ۽ ٿاڻن جو نظام بهتر بڻائي رهيا آهيون، 80 هزار ماڻهن کي هر مهيني بنا وياج قرض ۽ 50 هزار غريب نوجوانن کي هر سال اسڪالرشپ ??ينداسين، سڄي ملڪ ۾ مزدور ۽ غريب طبقي کي ڇت ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ پ??اه??اهون تعمير ڪيون پيون وڃن، غريب ۽ امير لاءِ هڪجهڙو نصاب آڻي رهيا آهيون، استادن لاءِ جزا ۽ سزا جو نظام آندو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ليه ۾ ”احساس اثاثا جات منتقلي پروگرام“جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.