اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپني طرفان 8 سال اڳ عورت ۽ سندس ٻا?? جي بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيڻ کانپوءِ معاوضي ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر وارثن کي اهو معاوضو اد?? ڪيو وڃي. ايوان صدر ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب صدر حيدرآباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني حيسڪو طرفان معاوضي جي اد??ئيگي ۾ دير تي ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته حيسڪو وفاقي محتسب جي حڪم جي پاسداري ڪري ۽ 30 ڏينهن اندر شڪايت ڪندڙ کي معاوضي جي اد??ئيگي ڪري، صدر ان معاملي جي اد??ره جاتي انڪوائري جو ح??م ڏيندي ان ۾ دير جي سببن تي مشتمل رپورٽ وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ کي 30 ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي، لطيف آباد، حيدرآباد جي رهواسي محمد عمر صديق جي گ??رواري ۽ ٻا??ڙي 11 ڪي وي هاءِ ٽينشن لائن ٽٽڻ سبب 8 سيپٽمبر 2012ع تي ڪرنٽ لڳڻ سبب پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا هئا.