اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم عاشور 10 محرم الحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا ۾ مسلمان جگر گوشه بتول رضه، نواسه خاتم النبيين صلعي ا??له عليه وعلي آله و اصحٰ??ه وسلم، امامِ عالي مقام حضرتِ امام حسين رضي ا??له تعاليٰ عنه جي شهادتِ عظميٰ جي بي مثال ۽ لازوال قرباني جي ياد کي تازو ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ يوم عاشور مختلف لحاذن کان وڏي ا??ميت رکندڙ آهي تن??ن هوندي به تاريخ اسلام ۾ ان ڏينهن کي هڪ ڌار تڪريم ۽ بلندي ۽ خاص اهميت ۽ انفراديت امام عالي مقام جي شهادت ۽ ڪربلا واقعه جي ڪري حاصل ٿي آهي، هن چيو ته ڪربلا جو اهو عظيم معرڪو جيڪو حق ۽ باطل ۾ ٿيو اهو اسان کي ا??ا ڳالهه سمجهائي ٿو ته اسلام جي اعليٰ قدرن جي فروغ ۽ اصولن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪرڻ ??ي وڏي ڪاميابي آهي، وزيراعظم چيو ته جذبه شبيري مسلما??ن جي ا??مان ۽ يقين، سچائي ۽ اصول پسندي جي روايتن کي جلا بخشي ٿو، اهو اسلام جي ابدي پيغام ۽ جذبه قرباني جي لازوال ۽ روح پرور روايت جي آبياري جو سرچشمو به آهي جنهن جو مثال انساني تاريخ ۾ مشڪل سان ملي ٿو.