اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته وزيراعظم ڪراچي – ڪوئيٽا – چم?? ايڪسپريس وي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 790 ڪلوميٽر ڊگهو اهو رستو ٺاهيو، هلا??و ۽ منتقل ڪريو جي پاليسي تحت تعمير ٿيندو، وڏي ٽريفڪ ۽ وڌندڙ ??اد??ن جي ڪري ان روڊ جي تعمير لازمي آهي.