اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀ??رتي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميرين جا حق غصب ڪرڻ ??ي ناپاڪ ارادن کان ڇوٽڪارو ڏياري، وزيراعظم عمران خان جي جرئتمنداڻي قيادت ۾ پاڪستان ڀارتي ظلمن، بربريت، والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت جي تبديلي، ڊگهي لاڪ ڊائون ۽ انسانيت لڄائيندڙ سلوڪ کي عالمي اڳواڻن، عالمي ادارن، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت عالمي فورمز تي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀ??ئرن جي خودمختياري واري جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، هر گذرندڙ ڏينهن معصوم، بي هٿيار ڪشميرين جي لاءِ اسان جي حمايت کي وڌيڪ سگهه ملندي. هو پرڏيهي آفي?? ۾ ??? يوم يڪجهتي ڪشمير تصويري نمائش“ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، آزاد ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، غير ملڪي سفارتڪارن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو ته غير قانوني ڀ??رتي والاريل ڪشمير ۾ زندگي جي ٻين رخن سان گڏوگڏ سموري ثقافتي ۽ قدرتي خوبصورتي کي اجاگر ڪرڻ ??ي لاءِ پرڏيهي وزارت پاران تصويري نمائش منعقد ڪرڻ ??هترين قدم آهي، هن چيو ته ڪشمير زمين تي جنت جي نظير آهي پر مظلوم ۽ بي هٿيار ڪشميرين تي ڀ??رتي حڪومت ۽ فوج ظالماڻي ۽ غير انساني سلوڪ جي انتها ڪري ڇڏي آهي.