اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان ??مو??ن افغان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي ۽ عالمي برادري ۽ ??مو??ين افغان ڌرين سا?? گڏجي ٺوس سياسي حل جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو جيڪو افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي لاءِ طلب ڪيو ويو هو. اجلاس ۾ سينيئر ڪابينا ميمبرن ۽ سروسز چيفس شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي ۽ ان جي پاڪستان ۽ خطي تي ممڪن اثرن تي بريفنگ ڏني وئي. خطي جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. قومي سلامتي ڪميٽي نوٽ ڪيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل جاري تڪرارن سا?? سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي تنهن ڪري هو خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته عالمي برادري پاڪستان جي چار ڏهاڪن کان ڏني ويندڙ قربانين جو اعتراف ڪري. شرڪت ڪندڙن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان افغانستان ۾ ??مو??ن افغان گروپن جي نمائندگي رکندڙ ٺوس سياسي حل جي لاءِ پرعزم آهي جيڪو اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي به ورجايو ويو ته پاڪستان عالمي برادري ۽ ??مو??ين افغان ڌرين سا?? گڏجي ٺوس سياسي حل ۾ س??ول?? جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته افغانستان ۾ عدم مداخلت جي اصول تي سختي سا?? قائم رهڻ گهرجي. ڪميٽي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته هيستائين تشدد جي ڪنهن وڏي واقعي کي ٿيڻ نه ڏنو ويو ۽ افغانستان ۾ ??مو??ين ڌرين تي زور ڏنو ويو ته قانون جي عملداري جو احترام ڪيو وڃي، ??مو??ن افغانين جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڪا به دهشتگرد تنظيم يا گروهه افغان سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ڪري سگهي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته افغانستان مان نڪرڻ جي خواهشمند ??مو??ن پاڪستانين، سفارتڪارن، صحافين ۽ عالمي تنظيمن کي واپس آڻڻ جي لاءِ ??مو??ين ممڪن س??ول??ن کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم ان ڏس ۾ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ رياستي مشينري جي جاري ڪوششن کي ساراهيو. ڪميٽي پاڪستان جي موقف کي ورجايو ته افغانستان ۾ تڪرار جو ڪڏهن به ڪو فوجي حل نه هو، تڪرار کي ڳالهين ذريعي ختم ڪرڻ جو بهترين وقت اهو ٿي سگهيو پئي جڏهن آمريڪا ۽ نيٽو جي فوج ڀرپور عسڪري طاقت سا?? افغانستان ۾ موجود هئي. افغانستان ۾ پرڏيهي فوج جي وڌيڪ ڊگهي ع??صي تائين موجودگي سا?? به ڪي مختلف نتيجا نه نڪرن ها تنهن ڪري بائيڊن انتظاميا پاران فوج جي واپسي جي حوالي سا?? گذريل آمريڪي انتظاميا جي فيصلي جي توثيق حقيقت ۾ ان تڪرار جو منطقي حل آهي. ڪميٽي چيو ته عالمي برادري جي لاءِ هي وقت آهي ته اها افغانستان ۾ پائيدار امن، سيڪيورٽي ۽ افغانستان ۽ خطي جي ترقي جي ٺوس سياسي حل کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سا?? گڏجي ڪم ڪري.