اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته وفاقي ڪابينا چونڊ عمل ۾ شفافيت جي لاءِ سڌارا آڻڻ جي تج??يزن کي ساراهيندي مختلف ادارن جي سربراهن جي مقرري ??اءِ لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم 12 وزارتن ۾ ضابطن جي خلاف مقررين جي رپورٽ جو سخت نوٽيس وٺندي ٻين وزارتن کان به هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪري ??رتي آهي، وزيراعظم عمران خان جي سوچ جو محور ملڪ جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي آهي، لاڪ ڊائون ?? نرمي به انهي سوچ جي عڪاس آهي، اسان کي ماڻهن جي صحت جي حفاظت سان گڏوگڏ انهن جي معاشي تحفظ کي به يقيني بڻائڻو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس جي ايجنڊا 7 نقاطي هئي، ڪابينا اجلاس ۾ چونڊ سڌارن جي لاءِ 39 تج??يزون پيش ڪيون ويون، اهي تج??يزون اعظم سواتي پارلياماني معاملن واري ??زير جي حيثيت سان تيار ڪيون هيون.