اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ميڊيا صنعت کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل جي حوالي سان شفاف ۽ پائيدار پاليسي ٺاهڻ لاءِ پرعزم آهيون، ريجنل اخبارن ۽ صحافين جي مسئلن کي نظر ۾ رکيو ويندو، ??مورين ڌرين سان مشاورت جاري آهي ته جيئن پاليسي اتفاق راءِ رکندڙ هجي، ڊمي اخبارن جي نشاندهي ۾ ميڊيا ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن مردان پري?? ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن جي وفد هتي ملاقات جي دوران ڪيو. اطلاعات واري وزير شبلي فراز نون چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو، ??طلاعات واري وزير نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني ۽ ??يڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.