??سل??م آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته سڀاڻي کان سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارن ۾ تعليمي سرگرمي??ن بحال ٿي وينديون ۽ ٽي ڪروڙ ٻارن جو اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو بحال ٿي ويندو، ڪابينا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪورونا جي خلاف حفاظتي تدبيرن سميت ماسڪ جي استعمال تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، وفاقي ڪابينا برطانوي ايئر لائين ورجن اٽلانٽڪ کي پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ اڏامون جاري ڪرڻ، ٽي سي پي طرفان درآمد ڪيل ڪڻڪ جي حوالي سان پري ??پمينٽ ايجنسين کي پري ??پمنٽ انسپيڪشن جي هڪڙو ڀيرو ۽ افغانستان جي حوالي سان تجويز ڪيل ويزا پاليسي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا کي مالي سال 2018ع، 2019ع ۽ 2020ع ۾ حڪومتي قرضن جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت کي ٽي کرب روپين جو قرض ورثي ۾ مليو، جنهن جون قسطون ادا ڪرڻ ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت کي وڌيڪ قرض وٺڻا پيا.