اسلام آ??اد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اسلام آ??اد ۾ ڪويت جي سفارتخاني ويو جتي هن ڪويت جي امير شيخ صباح الاحمد الصباح جي لاڏاڻي تي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان موقعي ڪويت جي سفي?? سان ڳالهائيندي چيو ته ڪويت جو امير ترقي پسند سوچ رکندڙ عظيم اڳواڻ هو، ڪويت جي امير جي قيادت ۾ ڪويت اقتصادي ۽ معاشي ترقي جو هڪ نئون دور ڏٺو آهي، هن چيو ته ڪويت جي امير جي لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ عظي?? ۽ ??خلص دوست کان محروم ٿي ويو.