اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ملڪيت آهن، پورٽ قاسم اٿارٽي جي قانون موجب اهي وفاق جو حصو آهن، ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽيشن، سيوريج، سولڊ ويسٽ ۽ پاڻي جي سپلاءِ چار وڏا مسئلا آهن، ايتريون حڪومتون آيون پر ڪراچي جا مسئلا گهٽ نه ٿيا، وزيراع??م عمران خان پاران ڪراچي جي ترقياتي جي لاءِ پئڪيج سان مطمئن آهيان، سڄي ??مي??اري وفاق کڻي ته پوءِ صوبائي حڪومت جي ڪهڙي ??مي??اري رهجي ويندي. نجي ٽي وي چيبنل کي خاص انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته احتجاج ڪرڻ مخالف ڌر ??ارٽين جو حق آهي، پرامن احتجاج جمهوريت جو حسن آهي، مخالف ڌر ??ارٽين جي گذريل سال لانگ مارچ سان ڪشمير ڪاز کي نقصان پهتو، مخالف ڌر جي مارچ سان ڪورونا وڌڻ جوخط??و آهي، انهن کي مشو??و آهي ته ماسڪ پائي احتجاج ڪن.