اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي او جي ڊي سي ايل قافلي تي حملي جي شديد مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم ميڊيا آف??س موجب وزيراعظم حملي ۾ ش??يد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو، هن شهيدن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو.