اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي قائداعظم جي ٻڌايل رهنما اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم جي 144 هين يوم پيدا??ش جي موقعي تي ڪيو جيڪو 25 ڊسمبر تي نهايت جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح 20 هين ??دي جو عظيم اڳواڻ ۽ مسلمان امت جي اتحاد جي علامت هو، اسپيڪر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو تاريخ ۾ ان جو متوازي پيش ڪرڻ کان قاصر آهي، هن چيو ته قائداعظم جي اصولن اتحاد، ايمان ۽ تنظيم کي اختيار ڪري نه رڳو ملڪ کي درپيش مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا پر پنهنجي عملي زندگي کي به به??ر بڻائي سگهون ٿا، اسپيڪر مشهور مورخ اسٽينلي ولپرٽ جو حوالو ڏنو جنهن قائداعظم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو هو ته دنيا ۾ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ آهن جنهن تاريخ کي بدلايو آهي، انهن ماڻهن جو تعداد ان کان گهٽ آ??ي جنهن دنيا جي نقشي کي تبديل ڪيو هجي شايد ئي ڪنهن کي هڪ نظرياتي رياست بڻائڻ جو امتياز حاصل هجي،محمد علي جناح اهو واحد اڳواڻ آ??ي جنهن کي اهي ٽئي امتياز حاصل آهن.