فيصل آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ميان فرخ حبيب چيو آهي ته ڪو??ونا وبا جي ٽ??ين لهر پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي جڏهن ته حڪومت ڪو??ونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي ۽ فيصل آباد ۾ اڳ کان قائم 6 ڪو??ونا ويڪسي نيشن سينٽرز جي انگ کي وڌائي 11 ڪيو پيو وڃي ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو انهن مان فائدو کڻي سگهن. ٻنپهرن جو ڪو??ونا ويڪسي نيشن سينٽر اسپورٽس ڪمپليڪس سمن آباد فيصل آباد جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ن??ين ويڪسينيشن سينٽرز تي ڏهاڙي 20 هزار ماڻهن جي اضافي ويڪسي نيشن ڪري سگهبي جڏهن ته پن??اب حڪومت جي ويڪسي نيشن مهم بهترين هلي رهي آهي ۽ حڪومت جا ڪو??ونا قدم هر سطح تي ساراهيا ويا آهن. هن چيو ته ڪو??ونا جي وبا اچڻ تي اسان وٽ رڳو 400 ڏهاڙي ٽيسٽ ڪرڻ ج?? صلاحيت هئي پر هاڻي ڏهاڙي هزارين ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن.