اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آ??ي ته ڪشمير جي تڪرار جي ڪري ڏکڻ ايشيا هڪ ارب 40 ڪروڙ عوام يرغمال بڻيل آهي، آمريڪا جيڪڏهن عزم ۽ ارادو ڪري وٺي ته اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، اولهه ڀارتي فوج جي هٿان هزارين ڪشميرين جي شهادت جي باوجود والاريل ڪشمير ۾ ظل??ن کي نظرانداز ڪري رهيو آ??ي، 8 لک ڀارتي فوج والاريل ڪشمير کي 90 لک ڪشميري عوام جي لاءِ جيل بڻائي ريو آ??ي، اسلامو فوبيا جو وڏو سبب اسلامي دنيا ۽ اولهه معاشرن جي وچ ۾ رابطن جي کوٽ آهي، پاڪستان ۾ ڪورونا جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ سمارٽ لاڪ ڊائون بهترين فيصلو هو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ايزي اوس آن ايڇ بي او ??ي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو.