اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسين افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، پاڪستان جو افغانستان ۾ ڪو به پسنديده نه آهي، افغان عوام جنهن حڪومت جي ??ه چونڊ ڪندي، پاڪستان ان سان بهترين لاڳاپا رکندو، منهنجي ??ڪومت جو موقف آهي ته افغانستان کي ٻاهر کان ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي، افغان حڪومت ۽ طالبان جي وچ ۾ ڪنهن به خانه جنگي جا اثر پاڪستان جي قبائلي علائقن تي پوندا، ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي واپس وٺڻ ۽ ڪشمير جي ??صوصي حيث??ت بحال ڪرڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون ۽ ٽه ڌرئي افغان امن عمل ۾ ان جي ??موليت کي قبول ڪرڻ ممڪن نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ افغانستان جي ??حافين جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جيڪي پاڪ افغان يوٿ فورم جي ??هتمام هيٺ پاڪ افغان ڪانڪليو ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان ۾ آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينيٽر فيصل جاويد به ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم ملاقات ۾ وفد جي ميمبرن جي ??والن جا جواب به ڏنا، هڪ سوال جي ??واب ۾ وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ اسان جو به پسنديده نه آهي، اسان جي پاليسي اها آهي ته افعانستان جي ??وام جنهن کي به چونڊي ٿي، پاڪستان ان سان بهترين لاڳاپا رکندو. طالبان پاران افعان شهرين کي مارڻ جي ??اري ۾ سوال جي ??واب ۾ هن صاف لفظن ۾ چيو ته طالبان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن يا نه ڪري رهيا آهن، ان جو پاڪستان سان ڪو به واسط?? نه آهي، اسان نه ته ان جا ذميدار آهيون ۽ نه ئي اسان طالبان جا ترجمان آهيون، افغانستان امن عمل ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي ??صيداري جي ??اري ۾ سوال جي ??واب ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي گڏيل قومن جي قراردادن جي ??لاف ورزي ڪندي هڪطرفي طور تي ڪشمير جي ??يثيت کي تبديل ڪيو، نه رڳو اهو پر ڪشميرين تي ظلم ۽ بربريت جي نئين باب جو آغاز ڪيو. پاڪستان 1948ع کان ڪشميرين جي ??ق جي ??حفظ لاءِ عالمي سطح تي پنهنجو آواز بلند ڪري رهيو آهي، جيستائين ڀارت پنهنجي 5 آگسٽ جي قدمن کي واپس نٿو وٺي ۽ ڪشمير جي ??صوصي حيث??ت بحال نٿو ڪري، جنهن تحت ڪشميري جيستائين گڏيل قومن جي ??ونپيل خودمختياري واري حق جو اظهار نٿا ڪن تيستائين ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي.تيستائين ڀارت سان ڳالهين ۽ پاڪستان لاءِ ان جي ٽه ڌرئي افغان امن عمل ۾ شموليت قبول ڪرڻ ممڪن نه آهي. وزيراعظم چيو ته هن تازو ئي افغانستان جو دورو ڪيو، صدر اشرف غني سان سندس بهترين لاڳاپا آهن، پر تازي بيانن ۾ افغان اڳواڻن پاڪستان کي افغان بحران جو ذميدار بڻايو جيڪو انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي، ڇو ته پاڪستان پهرين آمريڪا ۽ پوءِ افغان حڪومت سان ڳالهين لاءِ طالبان کي قائل ڪرڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪئي آهي. خطي جو ڪو ٻيو ملڪ پاڪستان جي ڪوششن جي ??رابري جو دعويدار نٿو ٿي سگهي. جنهن جي ??ائيد آمريڪا جو خصوصي نمائندو زلمي خليل زاد به ڪئي آهي، پاڪستان ۾ سول ۽ عسڪري ادارن جو افغانستان امن عمل ۾ هڪ پيج تي هجڻ جي ??وال جي ??واب ۾ وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان افغانستان ۾ غلط تاثر موجود آهي ته پاڪستان کي عسڪري ادارا ڪنٽرول ڪندا آهن جيڪو بدقسمتي سان سراسر ڀارت جو پکيڙيل پروپيگنڊا آهي. منهنجي ??ڪومت جي پرڏيهي پاليسي گذريل 25 سالن کان منهنجي پارٽي جي منشور جو حصو رهي آهي، منهنجو سدائين اهو ئي موقف رهيو آهي ته افغان مسئلي جو حل عسڪري نه پر سياسي طريقي سان ممڪن آهي، گذريل 15 سالن ۾ پارٽي سربراهه جي ??يثيت سان ۽ گذريل ٽن سالن کان حڪومت ۾ رهي ڪري آئون پنهنجي موقف تي قائم آهيان ۽ حڪومت کي ان موقف تي عسڪري ادارن جي مڪمل حمايت حاصل آهي. پاڪستان سدائين ڀارت سان امن جو خواهشمند آهي، پر ڀارت امن نٿو چاهي ڇو ته هو هن وقت آر ايس ايس جي نظريي جي ڏاڍ هيٺ آهي جيڪ?? نه رڳو ڪشمير پر ڀارت ۾ مسلمان، ٻين مذهبن جي مڃيندڙن ۽ اقليتن سان برو سلوڪ ڪري رهيا آهن اهي ئي محرڪات ڀارت سان امن ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، هن چيو ته 1948ع ۾ سئو قراردادن جي ??ريعي ڪشمير کي اهو حق ڏنو ويو ته هو عوامي راءِ جي ??ريعي اهو فيصلو ڪري ته هو پاڪستان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا ته ڀارت جو ان حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشميرين جدوجهد شروع ڪئي پر 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت والاريل ڪشمير جي ??صوصي حيثيت ختم ڪري ڇڏي ان کان پوءِ پاڪستان ڀارت سان سمورا سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا، جيستائين ڀارت والاريل ڪشمير جي ??صوصي حيث??ت بحال نٿو ڪري اسان ٽه ڌرئي ڳالهيون ڀارت سان شروع نٿا ڪري سگهون جنهن ۾ افغانستان به شامل هوندو، وزيراعظم عمران خان چيو ته مون سدائين چيو آهي ته افغانستان جو مسئلو سياسي طور تي حل ٿيندو، پاڪ فوج ڀارت سان امن بابت منهنجي ??مورن قدمن جي ??مايت ڪئي آهي. اهو ڀارت ئي آهي جيڪو امن نٿو چاهي ڇو ته هن وقت ڀارت کي آر ايس ايس نظريي جي ??امي پارٽي ڪنٽرول ڪري رهي آهي جيڪا پاڪستان مخالف ۽ مسلم مخالف آهي، گائي ماتا جا پيروڪار مسلمانن کي گلين ۾ ماري رهيا آهن ۽ انهن تي ڪو به فرد جرم لاڳو نٿو ٿئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته منهنجي ??ڪومت جو موقف آهي ته افغانستان کي ٻاهران ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي، جيڪڏهن افغان حڪومت ۽ طالبان جي وچ ۾ خانه جنگي جاري رهي ته ان جا اثر پاڪستان جي قبائلي علائقن تي پوندا، جڏهن اسان دهشتگردي جي ??لاف آمريڪي جنگ جو حصو بڻياسين ته ان جا اثر اسان جي قبائلي علائقن تي پيا ۽ ان جنگ ۾ 70 هزار پاڪستانين جون جانيون ضايع ٿيون، اسان وڌيڪ خانه جنگي جي ??ٽ نٿا سهي سگهون، خانه جنگي جي ??ورتحال ۾ وڌيڪ افغان پناهگير پاڪستان ايندا، 20 سالن کان فوجي ??ل جي ??ريعي افغانستان ۾ امن آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اهو ناڪام ٿي ويو. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ امن ٿئي، طالبان حڪومت گڏجي هڪ گڏيل حڪومت ٺاهين اهو ئي واحد حل آهي، افغان عوام جنهن جي ??ه چونڊ ڪري پاڪستان ان سان بهترين لاڳاپا رکندو، پاڪستان افغان سرحد تي خاردار تار لڳائي، ان تي تمام وڏو خرچو آيو، تقريبن 90 سيڪڙو سرحد تي خاردار تار لڳي چ??ي آهي. وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ افغانستان جي ??فير جي ڌيءَ جي معاملي جي ??والي سان سوال جي ??واب ۾ چيو ته جاچ ۽ افغان سفير جي ڌيءَ جي موقف ۾ تضاد آهي، هن چيو ته افغان سفير جي ڌيءَ جو موقف، سيف سٽي ڪئميرا فوٽيج ۽ ٽيڪسي ڊرائيور جي ??يان ۾ هم آهنگي نه آهي. افغان سفير جي ڌيءَ بابت سيف سٽي ڪئميرائن جا تفصيل موجود آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته جنهن ٽيڪسي تي افغان سفير جي ڌيءَ سفر ڪيو، ان ٽيڪسي ۽ ڊرائيور جي معلومات موجود آهي.