لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ آب پاڪ اٿارٽي جو اع??يٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير، پنجاب جي گورنر، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب سميت ٻين اع??يٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم عمران ??ان ??زاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ??ي صوبائي حڪومتن کي آب پاڪ اٿارٽي جي طرز تي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته پنجاب جي 12 ڪروڙ آبادي کي پيئڻ جو صاف پاڻي ڏنو ويندو، پنجاب جي 36 ضلعن ۾ 4 ارب رپين جي لاڳت سان 1500 پيئڻ جي صاف پاڻي جا پلانٽ لڳايا پيا وڃن، اهي 1500 واٽر فلٽريشن پلانٽس ڊسمبر 2021ع ۾ مڪمل ٿيندا. هن ٻڌايو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ هڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ تي 30 لک رپيا لاڳت ايندي. شهباز شريف جي دور ۾ ”صاف پاڻي ڪمپني?? واعدن، نعرن ۽ دعوائن کانسواءِ ڪجهه نه هئي. شهباز شريف جي دور ۾ ساڍا 7 ارب رپين جي لاڳت سان ??ڳو 116 واٽر فلٽريشن پلانٽ لڳايا ويا. مملڪتي و??ير فرخ حبيب ٻڌايو ته شهباز شريف جي دور ۾ هڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ تي 6 ڪروڙ 40 لک رپيا لاڳت آئي. آب پاڪ اٿارٽي تحت هڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ تي رڳو 30 لک رپيا لاڳت ايندي. هن ٻڌايو ته آب پاڪ اٿارٽي جي ايندڙ فيز ۾ سائوٿ پنجاب ۽ فيصل آباد ڊويزن جي هڪ هزار ڳوٺن ۾ جتي کارو پاڻي آهي اتي پيئڻ جي صاف پاڻي جا آب پاڪ مرڪز قائم ڪيا ويندا. پنجاب ۾ نوان فلٽريشن پلانٽس آب پاڪ اٿارٽي جي نگراني هيٺ لڳايا پيا وڃن. کاري پاڻي وارن علائقن ۾ هڪ هز??ر پيئڻ جي صاف پاڻي جا پلانٽ لڳايا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران ??ان پيئڻ جي صاف پاڻي کي شهرين جي درن تي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي سان پاڻي سان پکڙجندڙ بيمارين کان ??ڳواٽ بچاءُ ممڪن ٿيندو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ڀاڻي مينگروز جي علائقن جو پڻ دورو ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان ??ڄي دنيا ۾ نگاهه جو مرڪز آهي.