اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پرچيءَ چيئرمين بلاول، توهان ته ڏينهن ۾ جاڳندي ح??ومت ٺاهڻ جا خواب ڏسي رهيا آهيو، خواب ڏسڻ تي ڪا پابندي نه آهي، بلاول، توهان وفاقي يا صوبائي ح??ومت بابت سوچڻ ڇڏي ڏيو، ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ جي عوام به توهان کي رد ڪري ڇڏيندي، هينئر ته زرداري جي حساب جو وقت آهي، بلاول ئي ٻڌائي ڇڏي ته سندس بابا پاڪستان جي ڦريل ??ولت ڪڏهن ۽ ڪيئن واپس ??ند??؟ سنڌ جي عوام کي ذخيره اندوزن، ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو، اربين رپين جي ڪڻڪ هڙپ ڪريو ٿا جڏهن پڪڙيا وڃن ته ذميواري چوهن تي وڌي وڃي ٿي. بلاول زرداري جي بيان تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول ۽ زرداري پارٽي جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، هاڻي ته جيالا به سوچڻ تي مجبور آهن ته ڪهڙي ڪرپٽ پارٽي جو حصو آهيون، بلاول صاحب، توهان کي مشورو آهي ته سنڌ جي عوام جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان کي دنيا ڄاڻي ٿي ۽ عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ماضي جي ح??مرانن جو عالمي قيادت آڏو معذرت خواهڻو رويو هوندو هو، عمران خان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته اسان جي ح??ومت جي اولين ترجيح عام ماڻهو جي ترقي آهي، ان جي لاءِ قدم کني رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بنا ڪنهن فرق جي پوري ملڪ ۾ تعمير ۽ ترقي جو ڄار وڇائي رهي آهي. هن چيو ته بلاول کان سوال آهي ته 13 سالن ۾ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ هڪ ميگا پراجيڪٽ جو ٻڌائي ڇڏي جيڪو مڪمل ڪيو هجي، سنڌ ۾ صاف پاڻي، تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، رستن جي تعمير سميت هر شعبي ۾ وفاق ڪم ??ند?? نظر اچي رهي آهي.