اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف ڪهڙي ڳالهه جي خوشي ملهائي رهيو آ??ي، ڪنٽونمنٽس جي اليڪشن ۾ سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۾ انهن جي پارٽي ج?? صفايو ٿي ويو آ??ي، انهن جي پارٽي سڪڙجي هڪ ريجن جي پارٽي بڻجي چڪي آ??ي، (ن) ليگ جو پراڻو شيوو آهي جتان اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف، جتان شڪست ملي اتي ڌانڌلي ج?? واويلا شروع ڪن ٿا، سڄي ملڪ جي ڪنٽونمنٽس ۾ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ پهرين نمبر تي آ??ي، جيڪڏهن ٿوري به اخلاقي جرئت شهباز شريف ۾ هجي ها ته ان ڳالهه جو ضرور اعتراف ڪري ??ا ته پهرين نمبر تي پي ٽي آءِ آهي. شهباز شريف جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪنهن پارٽي ج?? مطالبي ج?? ڪا حيثيت نه آ??ي، صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آ??ي، ماضي ۾ پراڻي نظام تحت ٿيندڙ اليڪشن تي ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ئي شفاف اليڪشن جي ضامن آ??ي، مخالف ڌر هر معاملي تي سياست ڪري ??ر نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ذاتي مفادن کي پٺتي وجهي حڪومت جو ساٿ ڏي. هن چيو ته 2018ع ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست ڏيندڙ هاڻي 2023ع جي اليڪشن ۾ شڪست جا خواب ڏسي رهيا آهن، انشاءَ الله ناڪامي ۽ شڪست 2023ع ۾ به انهن جو مقدر بڻجندي. هن چيو ته وارا لڳائيندڙن ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، پهريون ڀيرو آءِ ايم ايف وٽ به اهي ئي ويا. هن چيو ته شهباز شريف صاحب، حڪومت تي تنقيد کان اڳ پنهنجي ضمانت تي لنڊن ڀڄائي وٺي ويندڙ ڀڳوڙي ڀاءُ کي واپس آڻيو.