فيصل آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته حڪومت کي مهانگائي جي ڪر?? درپيش عوام جي مشڪلاتن جي چڱي ريت خبر آهي ۽ جيتوڻيڪ مهانگائي هڪ عالمي مسئلو آهي پر اسان ڪوشش ڪر?? رهيا آهيون ته ان جا گهٽ کان گهٽ اثر عوام تائين منتقل ٿين تنهن ??ري انهي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي دوري کانپوءِ فوڊ سپورٽ پروگرام جو اعلان ڪندو جنهن ۾ محدود وسيلن واري طبقي جي لاءِ خصوصي مراعتون ڏنيون وينديون. ڊي ٽائيپ ڪالوني فيصل آباد ۾ آسا سنگهه پارڪ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي موقعي ??ي صحافين سان ڳالهائيندي هن ??يو ته وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو آهي، سعودي عرب سان اسان جا پراڻا لاڳاپا آهن ۽ وزيراعظم جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن تي وڌيڪ ڏورس اثر پوندا. هن ??يو ته اڄ مخالف ڌر مهانگائي جي آڙ ۾ احتجاج ڪر?? انارڪي پکيڙي رهي آهي جڏهن ته مهانگائي جا اصل ذميوار اهي ئي ماضي جا حڪمران آ??ن جن ملڪ کي ڦري ان مقام تائين پهچايو آهي. هن ??يو ته هو انهن ??ان پڇن ٿا ته انهن وٽ اها ڪهڙي گيدڙ سنگهي آهي جو ان??ن جا 18، 18 سالن جا ٻار لنڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ اربين رپين جي اثاثن، اربين رپين جي جائيدادن ۽ اربين رپين جي ڪاروبارن جا مالڪ آ??ن جڏهن ته پاڪستاني قوم جا 18، 18 سالن جا ٻار تعليم ۽ روزگار جي لاءِ ڌڪا کائي رهيا آ??ن جڏهن ته ان??ن جي عقل ۽ شڪليون به اڳوڻن حڪمرانن جي ٻارن کان بهتر آهن. هن ??يو ته اڳوڻا حڪمران ٻاهرئين ملڪ بنگلا ٺاهي رهيا هئا پر عمران خان ماضي جي حڪمرانن جي ابتڙ غريبن جي لاءِ گهر ٺاهي ڏئي رهيو آهي. هن ??يو ته حڪومت غريب عوام کي هيلٿ ڪارڊ جاري ڪر?? رهي آهي جيڪو حڪومت جو اهم پروگرام آهي ۽ خيبرپختونخواهه سميت پنجاب جي ٻن ڊويزن ساهيوال ۽ ڊي جي خان ۾ سئو سيڪڙو ماڻهن ??ي اها سهولت ملي وئي آهي جڏهن ته ڊسمبر ۾ لاهور ۽ فيصل آباد سميت صوبي جي سمورن ضلعن جي سمورن خاندانن کي 10 لک رپين تائين جي علاج جي سهولت ملي ويندي جيڪا دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ به نه آهي پر ان سان گڏ ئي هو بلاول کي به چوي ٿو ته سنڌ جي عوام به آخر انسان آهي ان لاءِ ان??ن جو به حق آهي ته انهن ??ي به اهڙي سهولت ملي پر جتي چورن، ڌاڙيلن، قبضا مافيا، ٽينڪر مافيا جو راڄ هجي جتي 13 ارب رپين جي ڪڻڪ ڪوئا کائي وڃن ٿا اتي ڪنهن خير جي اميد نه آهي، ان لاءِ سنڌ جي عوام کي به گهرجي ته اها 13 سالن کان سنڌ جي اقتدار تي قابض حڪمرانن کان پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ اٿي بيهي. فرخ ح??يب چيو ته اڳوڻين حڪومتن جي دور ۾ فيصل آباد ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ۽ پاور لومز سيڪٽر جو قبرستان بڻجي ويو هو پر اسان جي حڪومت ٻيهر انڊسٽري کي هلايو جنهن سان هاڻي اسان وڏي مقدار ۾ پنهنجي ٽيڪسٽائيل مصنوعات برآمد ڪر?? قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيا آهيون. هن ??يو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان ڀاڻ جو هڪ بيگ به امپورٽ نه ڪيو پر سالن کان بند فرٽيلائيزر پلانٽس کي گئس ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪر?? ملڪي ضرورت موجب ڀاڻ تيار ڪيو، انهي لاءِ هاڻي پاڪستان ۾ ڀاڻ جي ڪا کوٽ نه آهي ۽ ڀاڻ جي ٻوري 18 سئو رپين ۾ ملي رهي آهي جن??ن جي پرڏيهي ملڪن ۾ قيمت 7000 رپين تائين آهي. هن ??يو ته آبادگارن جي لاءِ آبادگار ڪارڊ جي ذريعي ??بسڊي جي فراهمي جاري آهي ۽ ڀاڻ جي قيمت ۾ پهريون ڀيرو استحڪام آندو ويو آهي نه ته 1800 واري ڀاڻ جي ٻوري ٻاهران 7000 ۾ امپورٽ ڪرڻي پوي ها ته ڇا ٿئي ها. هن ??يو ته اسان جي مٽاسٽا جي ناڻي ۽ روانگي واپار ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيو آهي، اهڙي طرح لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ پڻ وڌي آهي. هن ??يو ته کاڄرو تيل ۽ گيهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم جاري آ??ن جڏهن ته 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو زراعت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ اسان خوراڪ جي حوالي سان سرپلس ٿي رهيا آهيون. هن ??يو ته هن ??يري ڪمند 25 سيڪڙو وڌيڪ ٿيو آهي ٻئي طرف ڪپهه جي پيداوار ۾ 60 سيڪڙو، مڪئي ۾ 18، چانور ۾ 18 کان 20 سيڪڙو اضافي جا ڪارائتا نتيجا حاصل ٿيندا ۽ ملڪ فوڊ ۾ سرپلس ٿي ويندو. هن ??يو ته حڪومت جا تعميراتي ۽ ترقياتي منصوبا به تيزي سان جاري آهن ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار پاران به فيصل آباد جي لاءِ 13 ارب رپين جو پئڪيج ڏنو ويو آهي جنهن سان فيصل آباد وڌيڪ ترقي جي راهن تي گامزن ٿيندو.