اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن کي ٽيليفون ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظه??ر ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان، باجوڙ ۽ ڪرم ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري انهن سان تعزيت جو اظه??ر ڪيو. هن 20 آڪٽوبر تي باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ م??ثر?? سپاهي جمشيد خا?? ۽ ??پاهي صمد خان جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظه??ر ڪيو. صدر 26 آڪٽوبر تي ڪرم ضلعي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي اسد ۽ سپاهي آصف جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 26 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي رمضان خٽڪ ۽ سپاهي روحيل هسين جي گهرڀاتين سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ملڪ جي لاءِ شهيدن جي خدمت?? ۽ ??ظيم قرباني تي شهيد?? ۽ ??ندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ??ند?? شهيد جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.