اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فضل الرحمان جو پاڪستاني پارلياماني سياست ۾ ڪو ڪرد??ر نه آهي، پارليامينٽ بابت اهي ئي ڳالهه ڪرڻ جا مجاز آهن جيڪي پارليامينٽ جو ح??و آهن، پي ڊي ايم انهن جو ناڪام ترين پروگرام آهي، تاريخن تي تاريخون انهن جو شيوو بڻجي چڪو آهي، فضل الرحمان 3 سالن کان سياسي بيروزگار آهي، پنهنجي روزگار جي لاءِ جمهوري حڪومت جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي، جنهن جو پنهنجو دامن ۽ ماضي داغدار هجي اهو صادق ۽ امين قرار ڏنل وزيراعظم عمران ??ان جي خلاف ڪهڙي منهن سان ڳالهه ڪري ٿو. فضل الرحمان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته عمران ??ان واحد شخص آهي جنهن کي عالمي سطح سان گڏوگڏ پاڪستان جي اندر به پذيرائي حاصل آهي، سڄي دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي، ڪجهه شرپسند عنصر پاڪستان جي مهانگائي جي آڙ ۾ پنهنجو سياسي دڪان چمڪائي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت ماضي جي قرضن جي قسطن ۽ قرضن تي وياج جي ادائيگي لاءِ مجبور ٿي قرض ورتا، فضل الرحمان (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ۾ حصيدار آهي، فضل الرحمان حقيقتون ٻڌائڻ کان عاري آهي، 2018ع جي اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ انهن جي دماغي پوزيشن ٺيڪ ناهي رهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي 2018ع جي اليڪشن ۾ رڪارڊ ووٽ مليا، 2023ع جي اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي ان کان ڊبل و??ٽ کڻنداسين. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ جي حڪومت ۾ اليڪشن جي فارم مان ختم نبوت جو خاتمو ڪرڻ جي تائيد ۽ حمايت ڪندڙ فضل الرحمان آهي. وزيراعظم عمران ??ان ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، 22 ڪروڙ عوام اسلام جي آڙ ۾ ذاتي مفادن جي سياست ڪندڙن کان ڇوٽڪارو چاهي ٿي.