اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي دور ۾ بيانيي جي جنگ هٿيارن سان وڙهي ويندڙ جنگ جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي، پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ پوري دنيا جي ل??ءِ وڏو چئلينج آهي، ڪجهه ملڪن ۽ گروپس پنهنجي مخالفن کي بدنام ڪرڻ جي ل??ءِ ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪن ٿا، گڏيل قومن کي ميڊيا تي جعلي خبرن ۽ نفرت پکيڙيندڙ مواد روڪڻ جي ل??ءِ فريم ورڪ تيار ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هولي سي (ويٽ??ڪن سٽي) جي سفير ڪرسٽوف ال ڪاسيس سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ هولي سي (ويٽ??ڪن سٽي) جعلي خبرن ۽ نفرت پکيڙيندڙ مواد جي خاتمي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ويٽ??ڪن سٽي کي هڪ ٻئي ??ي ثقافتي ۽ مذهبي قدرن بابت آگاهي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ماضي ۾ رابطي جي ل??ءِ ٽيڪنالاجي جي کوٽ هئي پر هاڻي صورتحال بدلجي چڪي آهي، خبرون تيزي سان پکڙجن ٿيون، پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ پوري دنيا جي ل??ءِ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته حڪومتون مرڪزي ڌارا جي ميديا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد ڪنٽرول ڪري سگهن ٿيون پر ڪالعدم تنظيمن پاران سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت بين المذاهب همن آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ ل??ءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سک مذهب جي باني بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جون تقريبون ج??ري آهن. قومي ٽي وي چينل تي بابا گرو نانڪ جي زندگي ۽ تعليم تي خاص پروگرام نشر ڪيا پيا وڃن. ويٽ??ڪن سٽي جي سفير دنيا ۾ امن کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ مختلف مذهبن جي پيروڪارن جي وچ ۾ مذهبي هم آهنگي جي فروغ تي زور ڏيندي چيو ته هولي سي (ويٽ??ڪن سٽي) پاڪستان ۾ مقامي چرچن سان تعاون چاهي ٿو.