اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ ح??يب چيو آهي ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظرعام تي اچڻ کا??پوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ مريم صفدر جي آڊيو با??ت جاچ مڪمل ٿي ويندي، 2008ع کا?? هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات با??ت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ جي دوران ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات با??ت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ ميڊيا چئنلز کي اشتهار ڏيڻ جو معاملو غور هيٺ آيو، مملڪتي وزير ??رخ ح??يب سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظرعام تي اچڻ کا??پوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ مريم صفدر جي آڊيو با??ت تحقيقات مڪمل ٿي ويندي، 2008ع کا?? هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ ڪميٽي ۾ پيش ڪنداسين، فرخ ح??يب چيو ته مريم صفدر ڪجهه چئنلز کي اشتهار نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي جاچ ڪميٽي ان ڳالهه کي به ڏسي رهي آهي ته مريم صفدر ڪهڙي حيثيت ۾ اهي هدايتون ڏنيون، مملڪتي وزير چيو ته ان ڳالهه جو به جائزو ورتو پيو وڃي ته ن ليگ جي دور ۾ اشتهار ڏيڻ جو ميڪنزم ڪهڙو هو، فرخ ح??يب چيو ته اشتهارن جي روڪڻ سان آزادي صحافت جي متاثر ٿيڻ جي رخن کي به ڏسي رهيا آهيون، ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو ته ڪنهن کي ته تمام گهڻا اشتهار ملي رهيا آهن ۽ ڪنهن کي نه هجڻ جي برابر آهن، ڪميٽي جي چيئرمين ن ليگ دور ۾ ميڊيا چئنلز کي ڏنل اشتهارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.