اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار وا??ي وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار چيو آهي ته وفاقي ڪابينه ۽ پنجاب حڪومت پهريون ڀيرو ننڍي ۽ـ وچولي درجي جا ڪاروباري ادارن واري شعبي (ايس ايم اي) لاءِ پاليسي منظور ڪئي آهي، ان شعبي ۾ 10 لک کان وڌيڪ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته لارج اسڪيل مينيوفيڪچرنگ ۾ 4 هزار مينيوفيڪچرنگ يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن، 78 سيڪڙو نوڪريون ايس ايم اي سيڪٽر ۾ آهن. ايس ايم ايز کي 3 درجن ۾ ورهايو ويو آهي، نئون ڪاروبار شروع ڪندڙن کي اين او سي سان آزادي ملي وئي، ايس ايم اي ڪاروبار ڪندڙن کي خاص مراعتون ڏينداسين. ايس ايم ايز جي شعبي ۾ ڪاروبار ڪندڙ عورتن کي ٽيڪس ۾ 25 سيڪڙو خاص رعايت ڏني ويندي، ان شعبي جي ماليات تائين پهچ لاءِ 23 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ايس ايم ايز لاءِ 4200 ايڪڙ ايراضي مختص ڪئي وئي آهي جنهن تي 19500 پلاٽ آسان قسطن تي فراهم ڪيا ويندا. ايس ايم ايز کي اين او سيز حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگهي طريقيڪار کان نجات حاصل هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. مخدوم خسرو بختيار چيو ته وفاقي حڪومت پهريون ڀيرو ايس ايم اي پاليس??ءَ کي منظور ڪيو آهي، ان پاليس??ءَ تحت پيداواري ڪاروبارن کي ٽيڪس ۾ 57 سيڪڙو کان 83 سيڪڙو تائين خاص ڇوٽ ڏني ويندي ته جيئن نه صرف پيداوار لاڳت گهٽ ٿئي پر پرافٽ مارجن به وڌي سگهي. پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 لک 20 هزار جي لڳ ڀڳ معاشي يونٽ موجود آهن جن مان 99 سيڪڙو يونٽ سمال اينڊ ميڊيم درجي جي ڪاروبارن تي ٻَڌل آهي. عوام جي معاشي، سماجي ۽ خوشحالي ۽ ملڪ جي مجموعي معاشي ترق??ءَ ۾ انهن جو ڪردار تمام اهم آهي. هن چيو ته اهو ڪاروبار نه صرف روزگار جي فراهم??ءَ جو بنيادي ذريعو آهي پر جي ڊي پي جو 40 سيڪڙو حصو ۽ روانگي واپار جو به 25 سيڪڙو حصو انهن ڪاروبارن تي اچي ٿو. ننڍين ۽ وڏين معاشي سرگرمين ۾ خاص اهميت رکڻ باوجود ماضي ۾ انهن ڪاروبارن جي ڀلائ??ءَ حڪومتي سطح تي ڪوششون نظر نه پيون اچن. هن جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت ڄاڻايل ڪاروبارن کي هر قسم جون مراعتون فراهم ڪري انهن کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي. نيشنل ايس ايم اي پاليسي 2021ع انه??ءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ان پاليس??ءَ جو مرڪزي مقصد ننڍي ۽ وچولي طبقي جي ڪاروبار ڪندڙن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان پاليس??ءَ تحت ايس ايم ايز کي قيام کان وٺي مصنوعات ۽ خدمتن جي وڪري تائين هر قدم تي ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ڪاروبار جي شروعات جي حوصله افزائ??ءَ لاءِ ايس ايم اي لاءِ صنعتي زون ۾ 4200 ايڪڙو زمين ??ي خاص الاٽمينٽ ڪئي ويندي. هن چيو ته غير رسمي ڪاروبارن تي ليبر قانون لاڳو نٿا ٿين جنهن سبب انهن جو سماجي تحفظ تمام ڏُکيو ٿي ويندو آهي. نيشنل ايس ايم اي پاليس??ءَ تحت ان جي معاشي ڌارا ۾ شموليت آسان بنائڻ لاءِ نه صرف انهن تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪئي ويندي پر شفاف اي انسپيڪشن جو نظام به متعارف ڪرايو ويندو، جنهن سان انسپيڪشن آفيسرن جا صوابديدي اختيار گهٽ ٿي ويندا ۽ صنعتڪارن جي هراسگي جا امڪان نه رهندا. هن چيو ته ايس ايم ايز جي مارڪيٽن ۽ صارفين تائين پهچ آسان بنائڻ لاءِ به اي ڪامرس، آن لائن بزنس ۽ مقامي ۽ عالمي نمائشن ۾ شموليت ??ي خاص حوصله افزائي ڪئي ويندي، ان سان گڏوگڏ حڪومتي ڪانٽرڪٽس ۽ پبلڪ پروڪيورمينٽ ۾ ايس ايم ايز جي وڌ کان وڌ شموليت لاءِ مخصوص ڪوٽا مختص ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪاروباري ماڻهن لاءِ اها پاليسي نهايت سٺو سنوڻ آهي. ايس ايم ايز کي هٿي وٺرائڻ سان بيروزگار??ءَ ??ي خاتمي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي ۽ قو?? ۽ ??لڪ جي معاشي خوشحال??ءَ جو به ضامن بڻجندي.