اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازي جي ذريعي محتسب جي اداري ۾ انقلابي تبديلين جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڏورانهن علائقن ۾ انتظامي ناانصافين جي خلاف بنا ??عا??ضي انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسب جي په?? وڌائڻي پوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي دوري ??وران اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر کي وفاقي محتسب اعجاز احمد قريشي متاثر ماڻهن کي بنا ??عا??ضي انصاف جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فوري ??نصاف جي فراهمي لاءِ قانونسازي جي مدد سان وفاقي محتسب کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻائڻو پوندو. صدر چيو ته بهتر طرز حڪمراني جي لاءِ ناانصافي ڪندڙ سرڪاري ??دارن سان رابطا وڌائڻ سان گڏوگڏ وفاقي محتسب جي خدمتن ۽ ڪردار بابت ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وفاقي محتسب جو ادارو متاثر ماڻهن کي مفت انصاف فراهم ڪري ??هيو آهي. صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته اداري 2021ع ۾ 106732 شڪايتن کي اڪلايو جڏهن ته ان کي 110398 شڪايتون مليون، سال 2021ع ۾ 42 هزار کان وڌيڪ آن لائين شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي، 92.7 سيڪڙو کان وڌيڪ هدايتن تي عملدرآمد ڪيو ويو ۽ 1.85 ارب رپين جي ??عا??لن ۾ انصاف فراهم ڪيو ويو. وفاقي محت??ب صدر کي ضلعي ۽ ذيلي سطح تي انصاف جي فراهمي لاءِ په?? وڌائڻ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ڏورانهن علائقن جي ماڻهن جي سهولت لاءِ 14 علائقائي آفيسون قائم ڪيون ويون آهن، سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ عالمي هوائي اڏن تي ون ونڊو سهولتي ڊيسڪون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ صوبائي محتسب کانسواءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪري ??هيو آهي. اجلاس ۾ وفاقي محتسب جي سيڪريٽري ??عجاز احمد خان، صدارتي سيڪريٽريٽ جي ڪنسلٽنٽ (قانوني ??عا??لا) جسٽس (ر) سيد زاهد حسين ۽ وفاقي محتسب جي سينيئر صلاحارن پڻ شرڪت ڪئي.