اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مستقبل جو عالمي نظام اخلاقيات، انصاف ۽ انساني همدردي تي ٻڌل هجڻ گهرجي، مو??وده ورلڊ آرڊر ۾ دولت ۽ طاقت کي اهميت حاصل آ??ي، جڏهن ته انسانيت جي ضرورت اخلاقي قدر آهن، ڪاروبارن ۾ به انهن رخن کي نظر ۾ رکيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽيلي نار پاڪستان جي اهتمام هيٺ ”اخلاقيات ۽ ڪاروبار“ جي مو??وع تي ??يمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ٽيلي نار پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عرفان وهاب به ان موقعي تي ??طاب ڪيو. صدر ڪاروباري شعبي ۾ اخلاقي ا??ولن جي اهميت کي ا??اگر ڪندي چيو ته ڪاروبار ۾ منافعي سان گڏوگڏ ورڪرن جي حقن جي تحفظ، مالياتي لحاظ کان پائيداريت، انساني همدردي ۽ انصاف جي رخن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن دنيا ۾ مختلف معاشي نظامن جي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ته ڪاروبار منافعي لاءِ ئي ڪيو ويندو آ??ي، جيتوڻيڪ ان سان گڏوگڏ ٻين معاشرتي ??ميدارين تي ??ه ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آ??ي، ان حوالي سان بل گيٽس اينڊ ميلنڊا فائڊيشن جو مثال مو??ود آ??ي، هن چيو ته بدعنواني صرف مالي ناهي ٿيندي پر ان جا ٻيا اخلاقي ۽ معاشرتي پاسا به آهن، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آ??ي، جعلي خبرن سان ٿيندڙ نقصان به اسان جي سامهون آهن، صدر چيو ته مو??وده دور ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنيون ملڪي پاليسين ۽ فيصلن تي ا??ر انداز ٿيڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، عالمي معاملن ۾ مفادن کي ترجيح حاصل آ??ي، جڏهن ته دنيا جي امن ۽ انسانيت جي مستقبل جي لاءِ اخلاقي ا??ولن جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ جي اهميت آ??ي، ان تناظر ۾ دنيا کي هڪ نئين نظام جي ضرورت آ??ي، جيڪو اخلاقيات ۽ انساني همدردي جي ا??ولن تي ٻڌل هجي. ان کان اڳ ٽيلي نار جي سي اي او عرفان وهاب صدر جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ٽيلي نار کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪندي 17 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ان مناسبت سان اسان ڪاروبار ۾ اخلاقيات ۽ شفافيت جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششن جو آغاز ڪيو آهي.