اسلام آباد – 28 –; مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان سان ملتان سان تعلق رکندڙ صوبائي اس??مبلي ميمبرن ۽ پارٽي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ صوبائي اس??مبلي ميمبر نديم قريشي، جاويد اختر انصاري ۽ تحريڪ انصاف جو ميمبر ملڪ عدنان ڊوگر شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي عوامي ميڙ امر بالمعروف جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ ملتان ۾ جاري ترقياتي منصوبن، ڏکڻ پنجاب پئڪيج ۽ نئون پاڪستان صحت ڪارڊ جي عوامي پذيرائي کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم ??مران خان عوامي ڀلائي جي جاري ترقياتي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ پارٽي تنظيم کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.